ٿلهو ڏانداڙ

ٿلهو ڏانداڙ: هي ٻيڙيءَ جي اوزارن مان آهي. ڏانداڙ جا ڪيترائي قسم آهن، جيڪي اوزارن ۾ ڪم اچن ٿا. هي اصل ۾ رسا هوندا آهن، جيڪي ڪپيءَ کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ هڻبا آهن. هي ڏانداڙ اوزار جي هيٺين پاسي يعني منڍ ۾ ٻڌبو آهي. ڪپيءَ ۾ ڪم آڻڻ واري ٿلهي رسي کي ”ٿلهو ڏانداڙ“ چئبو آهي. هن جو ڪم اوزار کي جھلڻ آهي. اوزار کي ڦيرائڻ وقت ڏانداڙ کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائبو آهي. اهڙيءَ طرح سنهو ڏانداڙ به ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو